عمرڪوٽ: وڏي منشي ۽ اي ايس آءِ تي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ فريادي کي منٿون

0
653

عمرڪوٽ (ن پ ا) کوکرا پار ٿاڻي جي وڏي منشي عثمان سميجو ۽ عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي جي اي ايس آءِ ڪريم بخش کوسو تي عدالت جي حڪم تي ڪيس داخل، محمد ملوڪ جي 22 اي بي جي ڏنل درخواست تي عدالت سڳوري جي حڪم تي ٿاڻي جي وڏي منشي ۽ اي ايس آئي تي اغوا ڪري ڀنگ گهرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، وڏي منشي ۽ اي ايس آئي تي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ٻئي پوليس آفيسر پنهنجي پاڻ کي بچائڻ لاءِ فريادي ڌر کي ميڙ منٿ ڪرڻ لڳا، اي ايس آئي ڪريم بخش کوسو ۽ وڏي منشي عثمان سميجو کي ايس ايس پي عمرڪوٽ سسپينڊ ڪري ڇڏيو.