ڳڙھي ياسين ڀرسان واهه ۾ ٻڏي معصوم ڀيڻ ڀاءُ ٻڏي فوت

0
263

ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ غلام مصطفيٰ شر ۾ مونگر واھ ۾ وھنجندي معصوم ڀاءُ ڀيڻ ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻڏي فوت ٿيلن ۾ ٽن ورھين جي شڪيلان ۽ ٻن ورھين جو آصف پُٽ راشد شر شامل آهن، ڀيڻ ڀاءُ جا لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو.