ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي لڳ جهارو شاخ جي پوڇڙ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا. جهارو شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن ارباب آفتاب، محمد موسيٰ احمداڻي، اخلاق احمد احمداڻي، غلام قادر ليل، خالق ڏنو ليل، سومار نهڙيو ۽ ٻين جهارو شاخ جي ٽيل تي احتجاجي مظاهرو صحافين کي ٻڌايو ته اسان هزارين ايڪڙن تي مرچ جو ٻيجارو لڳايو. ٻن هفتن کان پاڻي نه ملڻ سبب مرچن جو ٻيجارو ۽ ٻيا فصل سڪي سڙي رهيا آهن. هنن آبپاشي عملدارن تي الزام هنيو ته اهي اسان جي حصي جو پاڻي منڍ جي آبادگارن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، جيڪو نسورو ناحق آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته سڀاڻي تائين جهارو شاخ جي ٽيل تي پاڻي نه پهتو ته ڪلوئي نئون ڪوٽ روڊ تي ڌرڻو هنيو ويندو. ٻي طرف نئون ڪوٽ جي رڻ شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ٽيل ايسوسيئيشن جي صدر عثمان هالو جي اڳواڻي ۾ ونگو موڙ تي ڪوٺايل گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر رڻ شاخ ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر نه ٿي ته ٿرڪول روڊ بلاڪ ڪيو ويندو.