ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت جو مشهور ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر ڪرن جوهر به مولا جٽ فلم ڏسڻ لاءِ سئنيما پهچي ويو. ڪرن جوهر جي فلم ڏسندي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن ۾ هو سئنيما ۾ ويهي فلم ڏسي رهيو آهي. بالي ووڊ پروڊيوسر تصوير انسٽاگرام پيج “انسٽينٽ بالي ووڊ“ اسٽوري تي شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪرن جوهر پاڪستان فلم مولا جٽ مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي. ڪرن جوهر جي تصوير تي پاڪستاني مداحن تبصرا پيش ڪيا، ڪنهن چيو ته ڪرن جوهر فواد خان جي ڪري فلم ڏسڻ آيو آهي ته ڪنهن چيو ته فلم ماهرا خان جي ڪري ڏسڻ آيو آهي.