ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا عائشه عمر قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عمران خان ۽ ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي کي پنهنجو پسنديده ڪرڪيٽر قرار ڏنو آهي. هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي عائشه عمر چيو ته منهنجا پسنديده ڪرڪيٽر عمران خان ۽ ويرات ڪوهلي آهن، ڌوني به پسند آهي، هڪ انسان طور به ويرات ڪوهلي پسند آهي، وسيم اڪرم ۽ وقار يونس به پسنديده رانديگر آهن. پروگرام دوران انڪشاف ٿيو ته عائشه عمر عماد وسيم کي نٿي ڄاڻي ۽ هن کي اها به خبر ناهي ته عماد وسيم ڪراچي ڪنگز جو ڪپتان رهي چڪو آهي ۽ ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ قومي اسڪواڊ ۾ به شامل هو.