ڪرمپور (ن پ ا): ڪرمپور  ڀرسان اغوا ٿيل 5 ڳوٺاڻا بازياب نه ٿي سگهيا وارثن جو انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. پنج ڪلاڪ ڌرڻو  هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل نورالدين بهلڪاڻي، سڄڻ ميراڻي، الهڏنو لاشاري، خدابخش ٽانوري ۽ علي مردان نندواڻي کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي مغوين جي وارثن ڪرمپور ٿاڻي جي حد مڇي ٻنڊو اسٽاپ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. مغوين جي وارثن سان گڏ سياسي سماجي ڌرين جي يو آءِ، ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن جا اڳواڻ به ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا. مظاهرين روڊ تي گاڏيون بيهاري شاميانه لڳائي سخت گرمي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ويهي رهيا. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. اڳواڻن مولوي جماالدين اوڳاهي، مولوي عبدالحميد بهلڪاڻي، ايس يو پي اڳواڻ ظريت بجاراڻي ۽ ٻين چيو ته پنج ماڻهو اغوا ٿيل آهن پر ڪرمپور پوليس اگهور ننڊ ستل آهي. مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو هڪ مغوي کي ڏيڍ مهنيو گذري چڪو آهي ۽ چار ڄڻن کي هفتو اڳ اغوا ڪيو ويو پر هن وقت تائين پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته جيڪي مغوي پئسا ڀري بازياب ٿين ٿا بعد ۾ پوليس پاران فوٽو ڪڍي مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي ڪوڙي دعوي’ڪئي وڃي ٿي ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل 20 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد آهن پر پوليس جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چري. پنج ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي جاويد عالم ابڙو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري هڪ هفتي جي مهلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو.