ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اورنگي ٽائون ۾ گئس پائيپ لائين ۾ ٿيل ڌماڪي واري ڪيس ۾ ايس ايس جي سي کي نوٽيس جاري، عدالت 18 مئي تائين جواب گهري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران وڪيل ٻڌايو ته اورنگي ٽائون ۾31 آڪٽوبر 2022ع ۾گيس پائيپ لائين ۾ ڌماڪي سبب درخواستگذار جا والدين فوت ٿي ويا، اهو واقعو ڌماڪو ايس ايس جي سي جي نااهلي سبب ٿيو،  يتيمن پاران خلاف 9 ڪروڙ رپيا هرجاڻي جي دعوي داخل ڪئي وئي آهي،