ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ واپاري  کان ڀتو گھرندڙ شڪارپور واسي گرفتار، ان ڏس ۾ ناظم آباد پوليس ڇاپو هڻي جوابدار معين احمد ولد حافظ مير حسن کي گرفتار ڪري ورتو، جوبدار ناظم آباد جي واپاري کان 10 لک ڀتو گھريو هو. ايس ايس پي موجب جوابدار 3 مهينا اڳ ڪراچي آيو، هتي پنهنجي چاچي سان گڏ رهندو هو، سندس چاچو به ڏوهن ۾ ساڻس شريڪ آهي، جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم ۾ به ملوث آهي.