ڊکڻ (ن پ ا) نبي شاھ وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شادي جکراڻي واسي نوجوان فياض جمالي کي قتل ڪرڻ بعد لاش فصل ۾  ڦٽو ڪيو ويو هو، مقتول کي ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ ايس ايچ او نبي شاھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان جي موت بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جيستائين پوسٽ مارٽم جي رپورٽ نه ايندي تيستائين ڪيس داخل نه ڪيو ويندو.