ڪراچي: موسميات کاتي ڪراچي ۾ 2 ڏينهن تائين سخت گرمي بابت هيٽ ويوَ الرٽ جاري ڇڏيو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 17 مئي تائين پارو 40 کان 42 سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، شهرين کي غيرضروري طور گهرن مان نڪرڻ نه گهرجي، ڪراچي ڀرسان ڏکڻ اوڀر طرف عربي سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري ويو آهي، هوا جو اهو دٻاءُ ڊپريشن جي صورت اختيار ڪندو ۽ سخت گرمي رهندي.