ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سامونڊي طوفان ٽاڪ ٽائي سنڌ کان 1310 ڪلو ميٽر پري رهجي ويو، ڀارتي پرڳڻي گجرات ڏانهن رخ، سنڌ سرڪار رين ايمرجنسي لاڳو ڪري 10صوبائي وزيرن کي ضلعن جا نگران مقرر ڪري ڇڏيو، صحت کاتي جي ڊي جي سمورن ضلعن کان ڪانٽيجنسي پلان گهرائي ورتو، ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميائن توڙي آبپاشي کاتي به پنهنجا ڪنٽرول سيل قائم ڪري ورتا، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن جي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ سينٽرل ڪنٽرول سيل به قائم، سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ ويل هزارين مهاڻا واپس، هوڙا سمنڊ ڪناري لنگرانداز ٿي ويا، موسميات کاتي جي اڳڪٿي مطابق 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي سگهه رکندڙ سامونڊي طوفان ”ٽاڪ ٽائي“ 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جيڪو 18 مئي تي منجهند يا شام جو گجرات جو رخ ڪندو، موسميات کاتي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته طوفان سبب سامونڊي پٽي وارن ضلعن ڪراچي، ٺٽي، سجاول، بدين، ٿرپارڪر عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ سڀاڻي 17 اپريل کان برساتن جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو، موسميات کاتي موجب ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپاڪر، ميرپورخاص ، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ۾ 60 کان 80 ڪلوميٽرن جي رفتار سان طوفاني هوائون گهلڻ سان گڏ تيز برسات پوندي، جڏهن ته ڪراچي ، حيدرآباد ، ڄامشورو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 40 کان 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلڻ سان تيز کان وچولي برسات پئجي سگهي ٿي، 22 سالن کانپوءِ ايندڙ سامونڊي طوفان واري اڳڪٿي کانپوءِ پي ڊي ايم اي پاران سامونڊي پٽي جي 11 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي مهاڻن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي ، فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي سميت لاڳاپيل ادارن سمنڊ ۾ ويل هزارين مهاڻن کي واپس گهرائي ورتو، هن وقت سوين ٻيڙا ۽ هوڙا سامونڊي ڪنارن تي لنگرانداز ٿي ويا آهن، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سامونڊي طوفان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سامونڊي پٽيءَ جي سمورن ضلعن ۾ ڪنھن اڻوڻندڙ صورتحال کي منھن ڏيڻ ۽ احتياطي اپاءَ وٺڻ لاءِ ھنگامي حالتن جو اعلان ڪيو. هن چيف سيڪريٽري آفيس ۾ ھڪ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پاڪستان ميٽرو لاجيڪل ( موسميات )کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عربي سمنڊ جي ڏکڻ ۾ ھڪ موسمي سسٽم بڻجي رھيو آھي. جنهن سان تيز برسات، گجگوڙ سان برسات، تيز طوفان ۽ طوفاني ھوائن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، سامونڊي طوفان کان اڳ سمنڊ جي سطح وارو گرمي پد اٽڪل 26 ڊگري ھوندو آھي. سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي انتظاميا کي سمورن گٽر نالن جا چوڪنگ پوائنٽس ( گند ڪچرو ڦاٿل هنڌ) ڪليئر ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ھن ڪراچي جي ڪمشنر نويد شيخ ۽ ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر لائيق احمد کي ھدايت ڪئي ته اھي سمورا بل بورڊز، نيو سائن بورڊز ھٽائين ۽ بلڊرن کي تعمير ھيٺ عمارتن جي حفاظت لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ جي ھدايت ڪن، وزير اعليٰ مرادشاهه چيو ته ضلعي انتظاميائن کي برساتي پاڻي نيڪال ڪندڙ ڊي واٽرنگ مشينون ۽ جنريٽر فراھم ڪيا وڃن، هن چيف سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي ته سندس آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪري گريڊ 19 جي آفيسر کي سربراھه مقرر ڪيو وڃي ته جيئن ھو ضلعن جي گھرجن مطابق اطلاع وصول ڪري ۽ حڪومت پاران لاڳاپيل انتظاميا کي ضروري ھدايت جاري ڪري سگهي. وڏي وزير ٿرپارڪر ضلعي انتظاميا کي غيرمعمولي اپاءَ وٺڻ جي ھدايت ڪئي، هن چيو ته سامونڊي پٽي جي سمورن ضلعن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته شهرين جي متبادل رھائش جا انتظام ڪرڻ گھرجن، جيڪڏھن ماڻھن کي منتقل ڪرڻ جي ضروري محسوس ٿئي ته انھن لاءِ متبادل رھائش جو بندوبست ھجي، وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ ممتاز شاهه کي ھدايت ڪئي تھ ضلعي انتظاميائن کان گهربل فنڊن بابت معلوم ڪيو وڃي ته جيئن ضلعن کي بروقت فنڊ جاري ڪري سگھجن. وڏي وزير آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال کي سندس کاتي ۾ ھنگامي صورتحال جو اعلان ڪرڻ، واھن جي بندن جي مناسب مانيٽرنگ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. مراد علي شاھه مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاھه ۽ بحالي واري وزير فراز ڏيرو کي ھدايت ڪئي ته اهي ڪراچي ۾ انتظامن جي ذاتي طور تي نگراني ڪن، هوڏانهن سنڌ سرڪار پاران ڪنٽرول سيل قائم ڪري جنرل ايڊمنسٽريشن جي سيڪريٽري محمد حنيف چنا کي نگران مقرر ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته آبپاشي کاتي سميت ڪراچي جي ڪمشنر پاران ٽي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ڪمشنرن ۽ سامونڊي پٽي جي ضلعن جي ڊي سيز پڻ سيل قائم ڪيا آهن، ٻئي طرف صحت کاتي جي ڊي جي پاران سمورن ضلعن جي ڊي ايڇ اوز ۽ سمورين اسپتالن جي ايم ايس ايز کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري کيس اڄ تائين ڪانٽيجنسي پلان اماڻين.