ڪراچي: ڪرپشن جي الزام هيٺ هٽايل ٽائون آفيسر انڪوائري بنا ڪلين چٽ

0
184
ڪراچي: ڪرپشن جي الزام هيٺ هٽايل ٽائون آفيسر انڪوائري بنا ڪلين چٽ
ڪراچي: ڪرپشن جي الزام هيٺ هٽايل ٽائون آفيسر انڪوائري بنا ڪلين چٽ

ڪراچي (ن پ ا) مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين هڪ ڪروڙ 82 لک رپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ هٽايل ٽائون آفيسر کي انڪوائري بنا ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

ڇاڇرو ٽائون مان هفتو اڳ هٽايل ٽائون آفيسر گوهر حسين ڦلپوٽو کي عهدي تان هٽائڻ بعد هفتي ۾ ”ڪلين چٽ“ ڏئي فقيرآباد ٽائون ڪاميٽي ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو

ٽائون آفيسر کي هڪ ڪروڙ 82 لک رپين جي ڪرپشن الزام هيٺ هٽايو ويو هو، پر سندس خلاف جاچ به نه ڪئي وئي!

18 فيبروري تي هٽايل ٽائون آفيسر ڇاڇرو گوهر حسين ڦلپوٽو کي عهدي تان هٽايو ويو هو، نوٽيفڪيشن ۾ به پوڻا 2 ڪروڙ جي فنڊن ۾ خرد برد جو الزام واضح ڄاڻايو ويو هو

مڪاني ادارن واري کاتي ڪرپشن الزام هيٺ آيل ٽائون آفيسر کي خيرپور ضلعي جي فقيرآباد ٽائون جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي

ھي به پڙھندا

 

مقصود گل جي ستين ورسي 3 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ ملهائي ويندي