حيدرآباد: غيرقانوني الاٽمينٽ ريفرنس: ڄام خان شورو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش

0
160
حيدرآباد: غيرقانوني الاٽمينٽ ريفرنس: ڄام خان شورو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش
حيدرآباد: غيرقانوني الاٽمينٽ ريفرنس: ڄام خان شورو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش

حيدرآباد (ن پ ا) احتساب عدالت صوبائي وزير ڄام خان شورو خلاف داخل زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري نيب ريفرنس جي ٻڌڻي عدالتي ڪاروايون معطل هئڻ سبب 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو سندس ڀاءُ ڪاشف شورو ۽ ڀائٽيو ڪرن خان شورو سميت 18 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، هاءِ ڪورٽ بار جي اليڪشن سبب صوبائي وزير جا وڪيل به پيش نه ٿيا ۽ عدالتي ڪاروايون معطل هئڻ سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي، جنهن بعد عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو

گذريل سال نيب 20 ايڪڙ سرڪاري زمين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائڻ تي صوبائي وزير سندس ڀاءُ ڪاشف خان شورو ۽ ڀائٽي ڪرن سميت 18 ڄڻن خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو

 

 

ھي به پڙھندا

سينيئر بلوچ قومپرست اڳواڻ حئي بلوچ روڊ حادثي ۾ فوت