ڪراچي: ڦر دوران دڪاندار کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

0
196
ڪراچي: ڦر دوران دڪاندار کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار
ڪراچي: ڦر دوران دڪاندار کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي: ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ٿاڻي جي حد بلاڪ بي ۾ ڦر دوران دڪاندار کي قتل ڪندڙ 2 ڦورو گرفتار ڪيا ويا، هڪ فرار ٿي ويو

 هڪ ڏينهن اڳ جوابدارن دڪان مان ڦر دوران مزاحمت تي دڪاندار مقصود اختر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو

شريف آباد پوليس هڪ ئي ڏينهن اندر واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتارڪري ورتو، جوابدارن کي سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد ۽ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي بعد گرفتار ڪيو ويو

 جوابدارن ۾ رشيد ۽ شاهه رخ  شامل آهن، واردات ۾ ملوث ٽيون جوابدار ڪاشان فرار ٿي ويو، گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن