پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه ڪي پي جو نگران وڏو وزير ٿي ويو، جنهن کي گورنر حلف به کڻائي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ خيبر پختونخواهه جي گورنر غلام علي جي منظوري کانپوءِ جسٽس رٽائرد ارشد حسين شاهه ڪي پي جو نگران وڏو وزير مقرر ٿي ويو. نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت لاءِ سي ايم هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻو وڏو وزير محمود خان ۽ اڳوڻو اپوزيشن ليڊر اڪرم دراني شريڪ ٿيا. ذريعن موجب جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين جو نالو اڳوڻي اپوزيشن ليڊر اڪرم دراني تجويز ڪيو، جنهن کي گڏيل طور منظور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين جو نالو منظوري لاءِ گورنر کي موڪليو ويو، گورنر جي صحيحن کانپوءِ جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه ڪي پي جو نگران وڏو وزير مقرر ٿي ويو. جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه جو واسطو ايبٽ آباد سان آهي، هو چيف جسٽس سپريم ايپليٽ ڪورٽ گلگت بلتستان رهي چڪو آهي ۽ خيبر پختونخواهه جي نگران ڪابينا جو به حصو هو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪي پي جو نگران وڏو وزير اعظم خان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. جسٽس(ر) ارشد حسين شاهه جو تعلق هريپور سان آهي. هو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ايپليٽ ڪورٽ گلگت بلتستان رهي چڪو آهي. کيس گورنر غلام علي خان گورنر هائوس ۾ حلف کڻايو. حلف برداري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيوته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائينداسين. صوبي جي سمورن معاملن کي قانون مطابق هلايو ويندو. سپريم ڪورٽ هدايتن موجب اليڪشن ڪميشن جي چونڊو ڪرائڻ ۾ مدد ڪندس. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخوا ۾ نئين نگران وڏي وزير ارشد شاهه جي مقرري جي مخالفت ڪئي آهي. تحريڪ انصاف مخالفت ڪندي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ پاران چيو ويو آهي ته اڳوڻي وڏي وزير محمود خان ۽ اڪرم دراني پاران نگران وزيراعليٰ جي چونڊ جي صورت ۾ عدالت وينداسين. پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي نائب صدر ظاهر شاهه طورو چيو آهي ته محمود خان ۽ اڪرم دراني جي چونڊيل وزيراعليٰ کي ڪنهن صورت قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته انهن ٻنهي اڳواڻن نگران وڏي وزير جي چونڊ ڪئي آهي ته ان خلاف عدالت وينداسين. ظاهر شاهه طورو وڌيڪ چيو ته گورنر ڪهڙي قانون تحت محمود خان ۽ اڪرم دراني کي وزيراعليٰ جي چونڊ بابت خط لکيو آهي، محمود خان وزيراعليٰ آهي نه اڪرم دراني اپوزيشن ليڊر، اهو معاملو آئين تحت حل ڪيو وڃي. گورنر پنهنجا فارمولا نه ٺاهي. پي ٽي آءِ جي نائب صدر وڌيڪ چيو ته گورنر غلام علي، محمود خان ۽ اڪرم دراني جو چونڊيل وزيراعليٰ سياسي ئي هوندو، انهن جي چونڊيل وزيراعليٰ مان ليول پليئنگ فيلڊ جي اميد نه آهي.  ٻئي پاسي عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ايمل ولي خان چيو آهي ته ڪي پي جي بدقسمتي آهي جو ان قسمت جا فيصلا ٻئي هنڌان ٿين ٿا. نگران وزيراعليٰ جي مقرري تي خدشا آهن.  هن چيو ته گورنر صاحب تي ايڏو پريشر آهي جو فيصلن ۾ تڪڙ ڪري رهيو آهي.