ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻ علي بادشاهه جي لينڊ ڪروزر چوري، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا، فوٽيجز ۾ چوري ٿيل لينڊڪروزر منگهوپير ۽ ڀرپاسي وارن رستن تان گذري پئي، انهي لينڊڪروزر پويان وري ڪاري رنگ جي ڊبل ڪيبن آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي بادشاهه دعويٰ ڪئي آهي ته چوري ٿيل لينڊ ڪروزر ۾ 25 لک روڪ ۽ لائسنس يافته پستول به هو، هن چيو ته پارٽي آفيس مان گهر ويس ته گاڏي چوري ٿي وئي، هن چيو ته لينڊڪروزر چوري ايندڙ جوابدار ڪاري رنگ جي ڊبل ڪيبن ۾ سوار هئا، منگهو پير پوليس ڪيس داخل ڪيو هو