ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڀرسان سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي، 13 مهاڻن کي بچايو ويو، ان ڏس ۾ العثمان نالي ٻيڙي فش هاربر کان نڪري سمنڊ اندر ويندي ڪراچي شپ يارڊ وٽ اونڌي ٿي پئي، اطلاع تي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي ريسڪيو ٽيم پهچي 13مهاڻن کي بچائي ورتو، ترجمان موجب برف جا 100 بلاڪ هجڻ ڪري وزن وڌڻ سبب ٻيڙي جو توازن برقرار رهي نه سگھيو. ترجمان موجب مهاڻن کي طبي امداد ڏني وئي آهي.