ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي ۾ روٽيشن پاليسي تحت 18 آفيسرن جون بدليون، 4 آفيسر ايف آءِ اي بلوچستان حوالي، ايف آءِ اي جي ڊي جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لڳاتار 10 سالن تائين ڊيوٽيون سرانجام ڏيندڙ آفيسرن کي روٽيشن پاليسي تحت بدلي ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ فرض سرانجام ڏيندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سراج پنھور، عبدالرئوف شيخ، محمد سليم ۽ انسپيڪٽر منصور خان کي بلوچستان بدلي ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت بلوچستان ۾ فرض سرانجام ڏيندڙ انسپيڪٽر عرفان عبدالنبي، نديم غفار ۽ اسسٽنٽ فقير محمد کي وري سنڌ بدلي ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اي ڊي سعيد ميمڻ کي زونل آفس ڪراچي مان اي ڊي جي سنڌ آفيس بدلي ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ زون ون ۾ ڪم ڪندڙ انسپيڪٽر مزمل جتوئي، نبيل محبوب، انسپيڪٽر عدنان علي، حفيظ الله، صوهيب ھاشمي، اسسٽنٽ خليل حمد ۽ عثمان جاويد کي سنڌ زون ٽو ۾ بدلي ڪيو ويو. اهڙي ريت سنڌ زون ٽو ۾ ڪم ڪندڙ سپرنٽينڊنٽ محمد اقبال، محمد علي ۽ نبي بخش لاکير کي سنڌ زون ون ۾ بدلي ڪيو ويو.