ڪراچي يونيورسٽي ۾ بمبار عورت پاران آپگهاتي ڌماڪو: سوشل ميڊيا جو ردعمل

0
155
ڪراچي يونيورسٽي ۾ بمبار عورت پاران آپگهاتي ڌماڪو: سوشل ميڊيا جو ردعمل

 ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ تي عورت پاران آپگهاتي ڌماڪو ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪراچي يونيورسٽي ۽ ڪراچي بلاسٽ ٽرينڊ شروع ٿي ويا، اهڙي واقعي جي نه صرف مذمت ڪئي وئي پر ان واقعي تي سوال اٿاريندي بحث به ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته سنڌ جو امن تباهه نه ڪيو وڃي. اهو به چيو ويو ته آخرڪار ايتري تعليم يافته عورت بمبار ڇو بڻي؟ اهڙي ريت انهن شاگردن پاران ڏک جو اظهار به ڪيو ويو جن جا چيني استاد حملي ۾ مارجي ويا. ان حوالي سان ڊاڪٽر برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تڪرار conflict سياسي هجي سماجي هجي قبيلائي هجي مذهبي هجي يا قومي هجي، هر تڪرار ۾ باهمي نقصان collateral damage ضرور ٿيندو آهي، سنڌ جي حدن ۾ پرڏيهي استاد مارڻ کي جسٽيفاءِ نٿو ڪري سگهجي، هر ڪو پنهنجي حدن ۾ رهي.  جنهن تي انيس ميمڻ لکيو ته پريالو ۽ تلھار جا منگواڻا مزدور بيدردي سان قتل ويا ھاڻي به سنڌ ڌرتي تي بلاوجھ حملو ڪري سنڌين جي يونيورسٽي کي ٽارگيٽ ڪري استادن کي ماريو ويو.

عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مڃون ٿا ته بلوچن سان ظلم آھي، سنڌ کي دوزخ ۽ معصوم ماڻھن کي نشانو بڻائڻ جي ڪڏھن به ڪنھن کي جازت نٿي ڏئي سگھجي، ڪاشف خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته توهان حق ڀلي وٺو پر اسان جي ٻچن جون درسگاهون ۽ سنڌ جو امن تباهه نه ڪيو، محمد ابراهيم ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ امن جي ڌرتي آهي ۽ ڪنھن به تشدد جي قائل ناھي رهي، سنڌ ۾ جنگ جي اجازت نه ڏبي. خداڏنو شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پهرين ڳالھه ته پنهنجي جنگ سنڌ جي ڳچي ۾ نه وجهو، پاڪستان ۾ سرداري سسٽم مان نجات حاصل ڪري رهو ته مزو ايندو، علي رضا ٻرڙو به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي. سيد خليل احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي قوم جي پرامن جمهوري جدوجهد ڪنهن بم ڌماڪي کان وڌيڪ طاقت ور آهي، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خودڪش بمبار حملي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. بلوچن جي وڏي اڪثريت جنهن ۾ اختر مينگل ۽ مريم مينگل به شامل آهن سي اهڙن واقعن بعد بلوچستان ۾ تشدد جي نئين لهر ڏسي رهيا آهن. سندن خدشا درست ثابت ٿيا ۽ صبح سان سويل پنجاب يونيورسٽي هاسٽل مان انگلش لٽريچر جو بلوچ شاگرد لاپتا ڪيو ويو آهي. هاڻي بلوچ عورتن مٿان نئين سخت آپريشن جي شروعات ٿيندي. مريم خودڪش بمبار عورت سان ڪيچ واري ساڳئي او پي ايف اسڪول ۾ پڙهي پر سينيئر هئي. پاڻ تدريس واري شعبي سان لاڳاپيل آهي. سندس چوڻ آهي ته جيڪي به بلوچن جا همدرد آهن سي ان واقعي جي حمايت نه ڪن.

امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خودڪش بمبار ڪهڙي به نظريي جو هجي، مرد هجي يا عورت، ان عمل جي مذمت ڪريان ٿي. جنهن تي منير ڀرڳڙي لکيو ته ڏک ٿيو ته آزادي جي نالي ۾ هن پنهنجي حياتي به وڃائي ۽ چئن ٻين بي گناهه انسان کي به قتل ڪيو، ان عمل جي حمايت نٿي ڪري سگهجي، صنم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جڏهن ظلم ۽ جبر حد کان وڌيڪ وڃي ته حالتون ان حد تائين پهچي وينديون آهن، اڃا به وقت آهي رياست پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري. جنهن تي انعام علي لکيو ته اسان کي سوچڻ گهرجي ته ٻن معصوم ٻارن جي ماءُ خودڪش بمبار ڇو بڻي؟  ذوالفقار دولتاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خودڪش بمبار شاران بلوچ ايم فل اسڪالر، ايم ايس سي زولاجي ۽ ايم ايڊ ٿيل هئي ، ‏سندس هڪڙو ٽوئيٽ اوهان سان شيئر ڪريان پيو…. وقت ملي ته سوچجو ضرور آخر هي عورت خودڪش بمبار ڇو بڻي؟ گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇا اسان بلوچن جي حالتن جو  هڪ پل لاءِ تصور به ڪيو آهي ته هو ڪيئن پيا جيئن.

ڪراچي هڪ شهر جنهن مان ڇوڪريون  گهرن مان محبت لاءِ غائب ٿين ٿيون اتي هڪ بلوچ عورت جنهنجي ور جو مسخ شده لاش مليو هجي، ان جي اندر  ۾  ضرور  بيوسي جي ڪا آڳ ٻرندي هوندي.  جنهن کيس پاڻ سميت ٻين کي به ڀسم ڪرڻ وارو دهشت گردي جو ڪم ڪرايو. بيشڪ هي مذمت جوڳو عمل آهي، پر منهنجي اندر ۾ اداسي ان ڳالهه جي پيدا ٿي آهي ته هي پهرين بلوچ سوسائيڊ بمبار عورت شايد ميسيج آهي ته بلوچ  بغاوت انتها تي پهچي چڪي آهي، هي پهرين هئي آخري نه. سوچيو جنهن ڌرتي تي هزارين شارينون هجن جن جا ور، ڀاءُ مسنگ هجن يا سندن چچريل لاش مليا هجن، اهي  ٻيو ڇا ڪنديون؟ فيروزه لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاري بلوچ خودڪش بمبار جي فيملي اها آهي ته سندس والد يونيورسٽي جو رجسٽرار، ڀاءُ تپيدار، ٻيو ڀاءُ عدالت ۾ آفيسر، مڙس ڊاڪٽر آهي،

مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلوچستان جي حقن لاءِ وڙهندڙ ڌڙن کان منهنجو سادو سوال آهي ته هنن چينين کي ماري اوهان ڪنهن جي جنگ پيا وڙهو، تاج رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جن کان پرامن احتجاج ۽ جدوجهد جو حق کسيو ويندو اهي خودڪش بمبار ئي بڻجندا، عبدالحميد کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اگر اسان جي امڙين اسان جي ڀينرن جا ڪونڌر گم هوندا يا انهن کي پنهنجي ڪونڌرن جا لاش ملندا ته ظاهر ڳالھه آ هو باغي ٿيندا ۽ انتهائي قدم کڻڻ تي به مجبور ٿيندا. ڪامريڊ سرتاج چانڊيو به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، اشو ٿاما فيڊل ڪاسترو جو قول شيئر ڪيو ته هٿياربند جدوجهد جي بهترين رستي طور چونڊ ناهي ڪئي ويندي هي اهو رستو آهي جيڪو ظالم مظلوم تي مڙهيندو آهي. استاد برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌماڪا ڇو ٿا ٿين؟ اسان کي رياست تي حيرت اُن وقت ڪرڻ گهرجي، جڏهن رياست اندروني بگاڙ، حملن ۽ قومي سلامتي جهڙي خطرناڪ واقعن کي اهو چئي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ته دشمن جي چال آهي، ٻاهريان هٿ ملوث آهن، دشمن را سان مليل آهن وغيره وغيره، احساسِ ذميواري قبول ڪرڻ جو مطلب هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو بهتري ڏانهن وٺي وڃي ٿو پر هتي رياست حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم ناهي کڻندي، جبر کي روڪڻ لاءِ ڪو قدم ناهي کڻندي، ڪو اهڙو ادارو قائم ناهي ڪيو ، جيڪو وڃي انهن ماڻهن سان ملي ۽ انهن جا مسئلا ٻڌي يا مسئلا حل ڪري،

صرف بغاوت لفظ کي پڪڙي باغين کي ڪُچلڻ کان بهتر آهي ته باغين وٽ هلي وڃڻ گهرجي، کين ٻڌڻ گهرجي، ڇو ته باغي به رياست جا فرد (اولاد) هوندا آهن، ڇو ته رياست ماءُ هوندي آهي ۽ ماءُ پنهنجي سموري اولاد کي پاليندي آهي پوءِ اُن اولاد ۾ ڪي سادا (ڏاها) به هوندا اهن ته ڪي شودا (ڏنگا) به هوندا آهن. ولي ناريجو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي بلوچ ناري ڀلي هيسبا قمبراني هجي يا شاري بلوچ هن جو درد ڏکوئيندڙ ۽ دردناڪ آهي جنهن مون کي ته روئاري وڌو. رياست پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ايئن نه ٿئي ته هي به شاري بلوچ وانگر سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وڃي. ڪاشي چيني استادياڻي جي تصوير شيئر ڪندي ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته منهنجي چيني استاد….محمد فيضان به پنهنجي چيني استاد سان گڏ تصوير شيئر ڪئي، مدثر حسين پڻ پنهنجي چيني استادياڻي جي تصوير شيئر ڪري ڏک جو اظهار ڪيو، محسن اياز چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته استاد مستقبل جا امام ھوندا آھن.

ڪراچي يونيورسٽيءَ ٻاھران بم ڌماڪي ۾ چيني استادن جي قتل تي ڏاڍو افسوس ٿيو. وڌيڪ افسوس ان تي به ٿيو ته ڌماڪو به ھڪ بلوچ استادياڻي کان ڪرايو ويو، جيڪا پاڻ ھڪ ڊاڪٽر جي زال ۽ ٻن معصوم ٻارڙن جي ماءُ پڻ ھئي. ۽ ان کان به وڌيڪ افسوس ان ڳالھ تي ٿيو ته ڌماڪو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ڪيو ويو. اڳ ۾ ئي سنڌ جا تعليمي ادارا رياستي ادارن جي ڪنٽرول ھيٺ آھن جتي شاگرد سياست تي بندش آھي. جتي روشن خيال استادن کي حراسان ڪيو ٿو وڃي. اتي جيڪڏهن اھڙا واقعا ٿيا ته ويتر سنڌي شاگردن لاءِ حالتون تمام گھڻيون ڏکيون ٿي وينديون. ۽ ٻيو ته جيڪي بلوچ شاگرد پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ بلوچستان مان اچي ٻين صوبن ۾ پڙھن ٿا انھن لاءِ اڳ ۾ ئي تڪليفون گھڻيون ھيون ھاڻ ته ويتر مٿن عذاب برپا ٿي ويندو. احتجاج ۽ ڌيان ڇڪائڻ جا ڪيترائي پرامن طريقا موجود آھن. پر ھن طرح جي حرڪت ڪرڻ جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟ اھو وڏو سواليا نشان آھي.  امتياز چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اوهان آزادي جي نالي تي بيگناهه استادياڻي کي ماري ڇڏيو. عاقب علي کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  شاري بلوچ پاران ڪراچي ۾ خودڪش ڌماڪو ڪرڻ کان پوءِ بلوچ شاگردن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو نمل يونيورسٽي جي بلوچ شاگرد کي گرفتار ڪيو ويو.