برطانيا ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ ٻليءَ سان شادي ڪري ڇڏي

0
343
برطانيا ۾ ٻن ٻارن جي

لنڊن (دلچسپ نيوز) برطانوي عورت جدائيءَ جي خوف سبب پنهنجي پالتو ٻليءَ سان شادي ڪري ورتي. اولهه معاشري ۾ پالتو جانورن کي اولاد جيان رکيو ويندو آهي پر ڪجهه ماڻهو پالتو جانورن جي معاملي ۾ ايترا حساس هوندا آهن جو جدائيءَ جي خوف کان انتهائي قد کڻي ويهندا آهن

پرڏيهي ميڊيا موجب اهڙو ئي هڪ واقعو برطانيا ۾ پيش آيو آهي جتي 49 سالن جي ڊيبورا نالي عورت جدائيءَ جي خوف کان هڪ تقريب دوران پنهنجي ٻليءَ سان شادي ڪري ورتي

عورت جو خيال هو ته گهر جو مالڪ وري پالتو جانور رکڻ کان منع نه ڪري، ماضيءَ ۾ 3 گهر جا مالڪ زوريءَ ڊيبورا کي هن جي پالتو جانورن کان الڳ ڪري چڪا آهن ڇو ته هنن کي پنهنجي گهر ۾ جانور پالڻ کان سختي سان منع ڪيو هو

  برطانوي عورت چيو ته مون وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو پر حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هو ان لاءِ مان ٻلي سان شادي ڪري ورتي ۽ اعلان ڪيو ته ڪوبه مرد مونکي ۽ انڊيا (ٻلي) کي جدا نه ٿو ڪري سگهي. ميڊيا رپورٽن موجب 49 سالن جي ڊيبورا ٻن ٻارن جي ماءُ آهي.