ملڪاڻي  شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي پاڻي کوٽ خلاف  سنڌ آبادگار تنظيم  پاران ٻئي ڏينهن به ريلي ڪڍي پنگريو _جھڏو  روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جڏهن ته ڌرڻي دوران آبادگار  عبدالڪريم لاشاري بيهوش ٿي ويو، جنهن کي بعد ۾ پاڻي هاري هوش ۾ آندو ويو،  هوڏانهن مظاهرين  پيرفياض شاهه راشدي،  طارق محمود، لطف علي ملڪاڻي، سيد امان الله شاهه  ۽ ٻين دانهيندي چيو ته آبپاشي عملدار پئسن عيوض بااثرن کي اسان جي حصي جو پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن، پاڻي نه ملڻ سبب فصل سڪي ويا آهن، نوٽيس وٺي پاڻي ڏنو وڃي، ٻي طرف آبپاشي  ايس ڊي او  خيرپورگنبوھ ذوالفقار علي لاشاري ٻڌايو ته مٿي ڌرياهه ۽ واھن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن ڪري آبپاشي  سب ڊويزن  خيرپورگنبوھ  جي شاخن کي وارابندي جي حساب سان پاڻي ڏنو پيو وڃي.