ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ڊفينس ۾ پاليل ڪتن پاران بزرگ وڪيل مرزا اختر تي حملو ڪري کيس زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪتن جي مالڪ همايون علي جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ۾ اڄ ڇنڇر تائين واڌ ڪري ڇڏي. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪراچي بار جي صدر نعيم قريشي سميت ٻين وڪيلن ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿيل وڪيل مرزا اختر جي حمايت ۾ پيش ٿي جوابدار جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي مخالفت ڪئي، هنن چيو ته جوابدار جي ڪتن بابت ڪينٽونمينٽ بورڊ کي 21 شڪايتون ڪيون ويون، انهي باوجود بااثر جوابدار خلاف ڪارروائي نه ٿي ۽ نه ئي وري ڪتن کي بند رکڻ جا ڪي انتظام ڪيا، ان موقعي تي جوابدار همايون علي وهيل چيئر ذريعي عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته مون متاثر وڪيل کان معافي طلب ڪئي آهي، جنهن تي عدالت کيس چيو ته توهان کي جيڪڏهن ڪتا پالڻ جو شوق آهي ته ٻين جي زندگين جو خيال رکڻ گهرجي. ان موقعي تي پوليس ٻڌايو ته جوبدار جا ڪتا پوليس جي تحويل ۾ آهن، عدالت جوابدار جي عبوري ضمانت ۾ اڄ تائين واڌ ڪندي چيو ته جوابدار جي پڪي ضمانت بابت فيصلو ٻڌايو ويندو.