ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ رضوان نالي شهري مٿان ڇرين جا وار ڪري قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار عدنان عباسي جي ماتحت عدالت پاران ٻڌايل موت واري سزا کي ڪالعدم قرار ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .واضح رهي ته 2019ع ۾ ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته جوابدار عدنان عباسي تي 2017ع ۾ ڪيس داخل ٿيو هو.