تنگواڻي (ن پ ا) هڪ سال اڳ ڊيراسرڪي پوليس ۽ ايس يو پي ڪارڪنن ۾ ٿيل جهيڙي بعد 18 ڄڻن تي دهشتگردي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ڪيس ۾ عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي 18 ايس يو پي ڪارڪنن ڪري باعزت بري ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او عبدالستار مگسي جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس جي اي ٽي سي ڪورٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت دليل ٻڌڻ بعد ذريت بجاراڻي، دلمراد ڏاهاڻي، رحمدل لاشاري،غلام حسين ڏاهاڻي، فتح ڪنڊراڻي، آزاد خان، صابر علي سميت 18 ڄڻن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو.