لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي الله آباد محلي ۾ 2 هفتا اڳ 5 ورهين جي نينگري حيا ڌيءَ بشير چانڊيو کي جوابدار محمد علي جلباڻي مبينا اغوا جي ڪوشش ڪئي هئي، جڏهن ته نينگري جي رڙين تي علائقي واسين پهچي نينگري کي اغوا ٿيڻ کان بچائي حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو، جڏهن ته اهڙي واقعي جو ڪيس نينگري جي والد بشير چانڊيو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، ان حوالي سان الله آباد ٿاڻي جي پوليس جوابدار محمد علي جلباڻي کي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.