ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ دماغ کائيندڙ وائرس نگليريا جي ڪيسن ۾ واڌ، نڪ ذريعي داخل ٿيندڙ خطرناڪ وائرس سبب ٻئي ڏينهن به هڪ نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، 2 مهينن دوران صوبي ۾ نيگليريا جا 5 ڪيس ظاهر ٿي چُڪا. ڪالهه ڪراچي جي ڊالميا واري علائقي جو رهواسي 19 ورهين جو راڻا شرجيل نيگليريا سببب خانگي اسپتال ۾ حياتي جي جنگ هارائي ويو، مجموعي طور تي صوبي ۾ ٻن مهينن دوران هڪ ڊاڪٽر سميت 5 مريض فوت ٿي چڪا آهن. نيگليريا جا ڪيس سامهون اچڻ بعد ڊي جي صحت ارشاد ميمڻ پاران ڪراچي واٽر بورڊ جي ايم ڊي کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ سپلاءِ ٿيندڙ پاڻي ۾ ڪلورين جو مقدار گھٽ هجڻ ڪري نگليريا جا ڪيس سامهون اچن پيا، پاڻي ۾گھربل مقدار جو ڪلورين شامل ڪيو وڃي. جڏهن ته ڊي جي پاران ڊائريڪٽر صحت ڪراچي ۽ سمورن ڊي ايڇ اوز کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته واٽر بورڊ جي پاڻي جي ٽانڪين ۾ ڪلورين جو مقدار چڪاسيو وڃي. ڊي جي صحت پاران ڊائريڪٽر صحت ڪراچي جي سربراهي ۾ 6 رڪني ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا نيگليريا ڪيسن جو ٽيڪنيڪل بنيادن تي جائزو وٺي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيندي.