مظفر آباد (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف جي فوج مخالف هجڻ جي پروپيگنڊا ڪندڙ شرمن ڪن، اُهو وقت پري ناهي جڏهن ادارا نواز شريف جي بيانيي تي هلندا. ليپا آزاد ڪشمير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته توهان جو جذبو ٻڌائي رهيو آهي ته ڪشمير  ۾ وري شينهن پيو اچي، عمران خان ڪشمير اچي پنهنجو وقت ضايع نه ڪري، ڪشمير پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڪير ڪشميرين کان حق کسي ۽ نواز شريف ۽ مريم ڏسندا رهن اِهو ٿي نٿو سگهي. مريم نواز چيو ته فوجي جوانن جون پگهارون جڏهن به وڌيون نواز شريف جي دور ۾ وڌيون، عمران خان جي دور ۾ فوجي جوانن جون پگهارون نه وڌيون، ڪجهه ماڻهو ذاتي مفاد جي لاءِ نواز شريف جي خلاف پروپيگنڊه ڪندا آهن پر نواز شريف جو دشمن به سندس حب الوطني جي شاهدي ڏيندو آهي. وزير اعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي نواز ليگ جي نائب صدر جو چوڻ هو ته عمران خان 3 سالن ۾ پاڪستان جي ترقي کي ريورس گيئر هڻي ڇڏيو آهي، عمران خان کان پڇجو ته توهان فاروق حيدر جي ترقي کي به ريورس گيئر هڻڻ پيا اچو، ڇا توهان کنڊ ۽ اٽو کسڻ پيا اچو، ڇا ڪشميرين کي به قطارن ۾ بيهارڻ پيا اچو؟ هن وڌيڪ چيو ته هڪ پارٽي اهڙي به آهي جيڪا مسئلا حل ڪرڻ بدران ووٽ چوري ڪرڻ جي ماهر آهي، اُها پارٽي آر ٽي ايس جو بٽڻ نٿي دٻائي پر اليڪشن ڪميشن جو عملو کڻي ويندي آهي، عمران خان جا وزير سر عام پيسا ورهائيندي پڪڙيا ويا. هن چيو ته منهنجو مشورو آهي ته عمران خان وڌيڪ ظلم ڪرڻ بدران پنهنجي اعمال نامي ڏانهن ڏسي، آزاد ڪشمير ۾ ووٽ گهرڻ جي بدران جاءِ نماز وڇائي ۽ الله کان معافي گهري، پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام کان به معافي گهري.