ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لاڙڪاڻي مان ناناڻن وٽ گھمڻ آيل 5 ورھين جي مھرالنساءَ جتوئي ڪراچي جي علائقي صفورا مان گم ٿي وئي، ٻارڙي جي چاچي موجب مهرالنساءَ ساٿي ٻارڙين سان گڏجي شيءَ وٺڻ وئي هئي ڪافي ڳولا باوجود سندس ڏس پتو ناهي پيو، ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي