ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ معذور نينگري روبينه کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران نادرا پاران قانوني گهرجون پوريون ڪري  ڇوڪريءَ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ تي پٽيشنر کي سندس والده جي نالي تي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڄاڻايل درخواست اڪلائي ڇڏي . ڪالهه ٻڌڻي دوران نادرا جي وڪيل ي ٻڌايو ته پاليسي موجب درخواستگذار والدين، ڀيڻ يا  ڀاءُ  سان گڏجي نادرا آفيس اچي جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواستگذار پنهنجي ماءُ سان گڏ نادرا آفيس ۾ پيش ٿيندي، درخواستگذار جي وڪيل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته روبينه ۽ سندس والده کي ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ ڇڏي هليو ويو هو، نادرا والد کانسواءِ سندس سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته روبينا وٽ معذوري جو سرٽيفڪيٽ موجود آهي، سڃاڻپ ڪارڊ نه هئڻ سبب ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ، سفر ڪرڻ ۽ بينڪ اڪائونٽ کولرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، عدالت کي استدعا آهي ته معذور ڇوڪريءَ جو  والده جي نالي تي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيو وڃي.