ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون سيڪٽر 12 جي گهر مان هڪ شخص جو ڳلو ڪپيل لاش مليو، پوليس موجب 55 ورهين جي شمس الدين جو لاش سندس گهر جي ٽانڪي مان مليو، شمس جو ڇري سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو ، گهر مان مقتول جي موبائل فون کانسواءِ ڪجهه به غائب ناهي، شمس الدين ڪجهه ئي مهينا اڳ ڄاڻايل مسواڙي گهر ۾ منتقل ٿيو هو، شروعاتي جاچ ۾ واقعو ذاتي دشمني لڳي رهيو آهي،