لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن گذريل 17 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف علامتي طور سائو گاھه کائي جناع باغ چوڪ تي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ ۾ مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ملازمن ممتاز لغاري، صدام شاهه، عرفان شيخ، شهباز پٺاڻ، عاشق بلوچ، مير جتوئي ۽ ٻين ٻين چيو ته ايل ڊي اي ۾ پابندي سان ڊيوٽيون ڪرڻ باوجود 272 ملازمن سان مسلسل ناجائزيون ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته مختلف وقتن تي پگهارون بند ڪري فاقه ڪشي تي مجبور ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته 17 مهينا اڳ اسڪروٽني جو جواز ڄاڻائي ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون، جيڪي اڃا تائين ناهن ڏنيون ويون، جنهن ڪري هو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پگهارون ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي جيئن ملازم به ٻچڙن سميت عيد جون خوشيون ملهائي سگهن.