حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي انتظام هيٺ هلندڙ جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ مري مائينر ۾ مبينا طور ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب پڪي ٿيندڙ شاخ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي مختلف هنڌن تان ٽٽي وئي آهي جنهن سبب آبادگار سخت پريشان آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته مري مائينر کي پڪو ڪرڻ لاءِ 4 مهينا اڳ ڪم شروع ڪيو ويو هو ۽ ان جي پڇڙي جي ڳچ حصي ۾ مبينا طور ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو جنهن جي ڪري شاخ جا بلاڪ مختلف هنڌن تان سيرون ڏئي ويا آهن. مري مائينر جي آبادگارن پاران ”پنهنجي اخبار“ کي پڪي ٿيل شاخ جا مختلف فوٽو موڪليا ويا آهن جن ۾ اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته آبپاشي انجنيئرن شاخ جو ڪم بهتر نموني سان نه ڪرايو آهي جڏهن ته بااثر آبادگارن جي ماڊولن کي فريم نه لڳايا ويا آهن ۽ مختلف هنڌن تي نولين جي جاءِ ڇڏي آهي جنهن ڪري پڇڙي ۾ پاڻي پهچڻ مشڪل ٿي ويو آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته انهن شاخ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جون لاڳاپيل اختيارين کي شڪايتون به ڪيون آهن پر ان جي باوجود شاخ جي حالت بهتر نه پئي بڻائي وڃي. آبادگارن مطابق 46 ڪروڙ رپين ۾ شاخ کي پڪو ڪرڻ جو ٺيڪو گل حسن مشوري نالي ٺيڪيدار کي ڏنو ويو آهي ۽ بااثر هجڻ جي ڪري کيس آبپاشي انجنيئر بهتر ڪم ڪرڻ لاءِ زور نٿا ڀري سگهن. هوڏانهن نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر غلام مجتبيٰ ڌامراهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاخ جو ڪم هلندڙ آهي. اڳ ۾ ان شاخ مان آبادگار لفٽ جي ذريعي پنهنجو ٻنيون آباد ڪندا هئا. هن اعتراف ڪيو ته شاخ جي ڪجهه حصي جا بلاڪ ڦاٽڻ جون شڪايتون مليون آهن. شاخ جو وارو هجڻ جي ڪري اهي بلاڪ درست نه ڪرايا ويا آهن. جيئن ئي وارو مڪمل ٿيندو ته شاخ جو ڪم ڪرائي ڦاٽل بلاڪ درست ڪرايا ويندا.