ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت شاگردياڻي  اغوا  ڪيس ۾ سندس والد مهدي ڪاظمي جي ٻن درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت شاگردياڻي کي عبوري طور تي وارثن حوالي ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي والدين کي ساڻس ملڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو  ته جيڪڏهن شاگردياڻي چاهي ته والدين سان مهيني ۾ ٻه ڀيرا ملاقات ڪري سگهي ٿي، عدالت جي حڪم تي شاگردياڻي شيلٽر هوم ۾ ئي رهندي، واضح رهي ته الفلاح ٿاڻي تي شاگرد ياڻي  کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي.