ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي، مٺي ۽ نوابشاهه ۾ پارو 43.5 ڊگرين تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ موسميات کاتي کان ليل ڄاڻ موجب لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي ۾ 41.5 ، حيدرآباد ۾ 41.2، دادو ۾41 ۽ سکر ۽ بدين ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهتو هو، سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ ڪالهه سڄو ڏينهن گرم ريگستاني هوائون هلنديون رهيون، جهولي سبب شهري گهرن تائين محدود رهيا، شهر ۾ گهم جو تناسب رڳو 16 سيڪڙو هو، هوڏانهن 6 سالن دوران ڪراچي ۾ گرم رات رهي، رات جو گرمي پد 32.5 سيڪرو تي پهتو هو، جڏهن ته 8 مئي 2015ع تي گرمي پد 34 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو