اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اصغر علي جي عدالت توشا خانا ريفرنس ڪيس نواز شريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ خلاف مريم نواز شريف سميت 4 درخواستن جي ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل طلب ڪري ورتا آهن، نيب مريم نواز شريف، ميان يوسف عباس سميت ٻيون درخواستون رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي، عدالت ۾ نيب پنجن ئي درخواستن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، قاضي مصباح ايڊووڪيٽ چيو ته جائيداد جي ملڪيت بابت وڌيڪ شاهديون ڏيڻ چاهيون ٿا، نيب پراسيڪيوٽر عرفان چيو ته شاهديون تڏهن وٺي سگهجن ٿيون جڏهن درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏنيون وڃن اڃا ته اهو به طئي نه ٿيو آهي ته درخواستون ٻڌڻ جوڳيون آهن يا نه، ياد رهي ته عدالت اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏئي ان جي جائيداد ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي مريم نواز شريف سميت ٻين درخواست گذارن اعتراض داخل ڪرايا آهن.