اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل (ايڪنڪ) جي ٻيهر جوڙجڪ ڪري ڇڏي، تفصيل وجب ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ايڪنڪ جي ٻيهر جوڙجڪ ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين کي ايڪنيڪ جو چيئرمين، جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر، صنعتن واري وفاقي وزير خسرو بختيار، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر کي بطور ميمبر شامل ڪيو ويو آهي، سنڌ مان ايڪنڪ جو ميمبر پيپلز پارٽي اڳواڻ نثار احمد کهڙو، پنجاب مان صوبائي ناڻي وارو وزير هاشم نوان بخت، ڪي پي ڪي مان تيمور سليم جهڳڙا، بلوچستان مان صوبائي وزير نوابزاده طارق مگسي کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي.