ڪتن جو عذاب ڀوڳيندڙ شهري

0
340

سنڌ ۾ رولو ڪتن جي عذاب جي ڪٿا هاڻي ڪا نئين ناهي رهي، ڳوٺن توڙي ننڍن شهرن ۾ رولو ڪتن پاران معصوم ٻارن کان وٺي هر عمر جي ماڻهن کي ڏاڙهڻ يا سندن زندگيون کسڻ نئين ڳالهه ناهي رهي پر ڪراچي جهڙي ميٽرو پوليٽن شهر ۾ به ڪتا عوام لاءِ عذاب بڻيل آهن، انهن ڪتن جي نسل ڪشي بدران سنڌ سرڪار پاران سندن نسل کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ڪتا خصي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هو، ڪروڙين روپين واري انهي منصوبي تي ڪم هلندڙ آهي، جنهن جي لاءِ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي مقرري کانپوءِ آفيسرن جي گاڏين، ڪتا پڪڙڻ لاءِ خاص گاڏين جي خريداري سميت ڪتن جي لاءِ آپريشن ٿيٽر، انهن لاءِ الڳ سان سينچريز قائم ڪرڻ سميت ٻيو سامان خريد ڪرڻ لاءِ وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي آهي،
هاڻي مڪاني ادارن وارو کاتو انهي منصوبي تي باقاعده ڪم ڪندو، پر ان کان اڳ به دعويٰ ڪئي پئي وئي ته ڪتا خصي ڪرڻ لاءِ سرڪار ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ٻن سالن کان سرڪار پاران انهي منصوبي تي ڪم ڪيترو ڪيو ويو آهي، اهو ته ڪاغذن کي ڏسي لڳي ٿو ته سڀ ڪم بهتر ٿي رهيو آهي پر گرائونڊ تي ڏسنداسين ته خبر پوندي ته نتيجو ٻڙي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي، ڪراچي جي هر مين روڊ، هر علائقي توڙي هر مارڪيٽ ۾ رولو ڪتا سرعام گهمندا وتن ٿا، جيڪي اڪثر ڪري پيادل ويندڙ ماڻهن کي يا وري موٽرسائيڪل سوارن کي ڏاڙهين ٿا، پر ڇاڪاڻ جو ڪراچي واسي شهري ماڻهو هجڻ ڪري فوري طور اسپتالن جو رخ ڪن ٿا ۽ سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن مان ڪتن جي ڏاڙهڻ بعد ويڪسين ڪرائي ٿا وٺن پر ٻهراڙي جا ماڻهو ڪتي جي ڏاڙهڻ کانپوءِ انهي زخم تي ڳاڙها مرچ ٻڌي وقت ضايع ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن جي حياتي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي طور چئن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب ساڍا ٽي هزار زخمي جناح اسپتال پهتا، جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي موجب پهرين جنوري 2021ع کان 30 اپريل تائين ڪتن جي ڏاڙهيل 3500 ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وئي، جڏهن ته ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب چئن مهينن دوران 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ جو ريبيز جو ڪو به علاج ناهي، ٻيو ته اڪثر ماڻهو اسپتال اچن ئي نٿا، هن چيو ته ڪراچي جو مقامي ماڻهو فوري طور ويڪسين لاءِ اچي وڃي ٿو پر ٻين ضلعن ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ بعد جيڪڏهن فوري طور ماڻهو اسپتال وڃي ويڪسين ڪرائين ته انهن تي اهي جراثيم اثر انداز گهٽ ٿيندا، پر ماڻهو سنجيده نٿا ٿين، هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو کي ڪتو ڏاڙهي ٿو ته انهي زخم کي فوري طور پاڻي ۽ صابڻ سان ڌوئي ڊاڪٽر سان رجوع ڪيو وڃي ۽ ويڪسين لڳرائي وڃي، هر وقت انهي کي صابڻ سان ڌوئڻ گهرجي، ماڻهن ۾ انهي جي لاءِ شعور اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي،
جڏهن ته ڪراچي جي ڪيترن ئي گهرن ۾ ماڻهن جا پالتو ڪتا پڻ موجود آهن، جن کي جيتوڻيڪ ويڪسين ٿيل هوندي آهي پر اهي ڪتا به ڏاڙهيندا آهن انهن جا متاثر گهر ڌڻي به ويڪسين ضرور ڪرائيندا آهن، جڏهن ته ڪراچي جي رولو ڪتن جي عذاب باوجود ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي جانور دوستي جي نالي تي انهن رولو ڪتن جي به مالڪي ڪن ٿا، آواز بي زبان جي نالي سان ڪم ڪندڙ هڪ سماجي تنظيم ڪراچي جي رولو ڪتن ۽ ٻلين جي مالڪي ڪري ٿي، گهٽين ۾ رلندڙ ڪتن کي جيڪڏهن ڪا گاڏي ٽڪر هڻي زخمي ڪري يا ڪنهن ماڻهو جي ڌڪ هڻڻ سبب ڪو ڪتو زخمي ٿي وڃي ٿو ته انهي کي کڻي وڃي پنهنجي آپريشن ٿيٽر ۾ انهي جو علاج ڪيو وڃي ٿو، اقراءِ يونيورسٽي ڀرسان قائم انهي سينٽر تي جڏهن آئون ويس ته اتي هڪ ڪتيءَ پنهنجن پنجن ستن ٻچن سان گڏ موجود هئي، انهي سينٽر جي انچارج ٻڌايو ته هن جي ٽيم ۾ يونيورسٽين جا شاگرد آهن، جيڪي جانورن سان پيار ڪن ٿا، جيتوڻيڪ ريبيز جو علاج ناهي، پر هر ڪتو ڇتو ناهي هوندو، انهي ڪري سندس ٽيم ۾ شامل شاگرد ۽ شاگردياڻيون ۽ رضاڪاراڻي طور جتي به ڪنهن ڪتي يا ٻلي کي زخمي حالت ۾ ڏسندا آهن ته اهي هن کي پڪڙي وٺي ايندا آهن، پوءِ اسان جو ڊاڪٽر انهن جو آپريشن ڪري زخم تي پٽي ٻڌي ڇڏيندو آهي ۽ انهن کي پاڻ وٽ رکندا آهيون، هن جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون دوران ڪتن جي ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ جيڪا ڪراچي ۾ واڌ ٿي آهي انهي جو هڪڙو سبب اهو آهي ته ڪتا بکايل آهن، ڇاڪاڻ جو شادي هال بند آهن، اڪثر هوٽلون بند آهن، گهرن ۾ به ڪاڄ نٿا ٿين، رولو ڪتن جي کاڌي پيتي جو ذريعو اهي ئي هئا، جتان بچندڙ کاڌو گهٽين ۾ اڇلايو ويندو هو ۽ اهي ڪتا کائي پيٽ گذر ڪندا هئا، هاڻي اهي ڪتا جيڪڏهن ڪنهن جي هٿ ۾ ڪا شيءَ ڏسن ٿا ته انهن کي لڳي ٿو ته ڪجهه کاڌي جو آهي ته اهو کين ڏنو وڃي، پوءِ ماڻهو انهن ڪتن جي ڀونڪڻ تي پٿر هڻن ٿا يا ڪو اهڙو عمل ڪن ٿا جنهن جي رد عمل ۾ ڪتا کين ڏاڙهين ٿا، انهي ڪري ڪورونا جي وبا ۾ انهن جانور ن جو خيال رکڻ به اسان انسانن جي ذميواري آهي،
هن چيو ته ڪتن کي مارڻ غير انساني عمل آهي، نس بندي وارو عمل بهتر آهي، انهي سان نسل ۾ واڌ نه ٿيندي پر انهي لاءِ سرڪار کي تڪڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن، اسين پاڻمرادو ڪتن ۽ ٻلين جي علاج ۽ پالنا تي خرچ ڪريون ٿا، انهي تي ايترو ڪو گهڻو خرچ به نٿو ٿئي بس انسان ۾ اهو احساس هجي، هن جي انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته جانورن کي به مارڻ نه گهرجي پر انساني حياتي جانورن جي حياتي کا وڌيڪ اهم آهي، انهي ڪري سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ڪتن جي نس بندي سان گڏ انهن کي ويڪسين به ڪئي وڃي ته جيئن اهي ڪتا ڇتا نه ٿين ۽ سرڪار پنهنجي منصوبن تي عملي ڪم ڪرڻ لاءِ نيڪ نيتي جو مظاهرو به ڪري.