پشاور: سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، گهربل دهشتگرد گرفتار

0
292

پشاور (بيورو رپورٽ) ڪي پي جي ضلعي بنون ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري هڪ مبينا دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو، سي ٽي ڊي اختيارين موجب ڪاروائي دوران 2017 ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي تي حملي ۾ ملوث ۽ گهربل دهشتگرد علي عرف چيگ حافظ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، صوبائي حڪومت دهشتگرد جي سرز جي قيمت 20 لک روپيا مقرر ڪئي هئي، ڄاڻايل دهشتگرد سي ٽي ڊي ۽ لوڪل پوليس ضلعي بنون کي ڪيترن ئي ڪيسز ۾ گهربل هو، سي ٽي ڊي اختيارين موجب گرفتار ڪيل دهشتگرد عيد الفطر تي دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتا خوري جي ڪري بنون شهر مان آيل هو، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل دهشتگرد جي ٽن ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويو هو.