سليم جي عمر 25 سال آهي. هن جي شادي هڪ ٻي ذات مان طئي ٿي، پر ڪجهه ڏينهن اندر اها شادي سليم جي والدين طرفان اهو چئي ٽوڙي وئي ته “ڇوڪرو راضي نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته جنهن برادريءَ مان هن جي شادي ٿي رهي هئي، اهي “ڪاسبي” آهن.” ٻهراڙيءَ ۾ “ڪاسبي” هر ان برداريءَ واري کي چئبو آهي، جيڪي مختلف هنرن سان سلهاڙيل هجن. مثال طور: حجم، مڱڻهار، ڊکڻ، موچي وغيره. هتي سوال کڙو ٿئي ٿو ته سليمَ، اها ڳالهه پهرين ڇو ڪونه سوچي؟ شاديءَ جي پڌريءَ کانپوءِ هن کي ان ذات مان شادي نه ڪرڻ جو خيال ڇو آيو؟ ته ان جو جواب به سليم وٽ هن صورت آهي ته “پڌريءَ کانپوءِ ڳوٺ جا ماڻهو هن کي ان ذات سان سڏڻ لڳا هئا، جيڪا هن جي ساهراڻي ذات هئي!” بظاهر اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻو قبيح عمل هو، پر ساڳئي وقت اها حقيقت به ته سنڌي سماج شادين مرادين جي سلسلي ۾ ذات پات کان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي! اهو پڻ ته سڀ ڪجهه ڳوٺ جي ڪجهه “زومبيز” جون ڪارروايون هيون. “زومبيز” ڪير آهن؟ پاڻ اڳتي هلي ان باري ۾ مختصر طور ٻڌائينداسين پر ان ذات پات جي مسئلي سماجي ترقيءَ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون بيهاري ڇڏيون آهن. هتي اهو مسئلو صرف سليم سان نه پر شاديءَ کانپوءِ ڌاري ذات مان شادي ڪندڙ ماڻهن جي ٻارن سان به ٿئي ٿو. اڪثر ته چٿر جي صورت هو ان برادريءَ جي نالي سان ئي سڏيا وڃن ٿا، جيڪا هنن جي ماءُ جي آهي. هڪ خاص ڳالهه ته ان ۾ ڪٿي به مثبت سوچ ناهي هوندي. سدائين ٽوڪ ٺٺول ئي معمول بڻيل رهي ٿو!
ان سڄي منظر ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو سدائين اڳيان هوندا آهن، جن کي “زومبيز” جي خاني ۾ فٽ ڪجي ته به گهٽ نه ٿيندو. ٻهراڙين ۾ ماڻهن جي نالن کي کاري پيش ڪرڻ، هر گهڙي ٻين جي ڪمن تي نظر رکڻ. پنهنجن ڪرتوتن کان بي خبر انهن ماڻهن کي هاڻي ته سوشل ميڊيا جهڙو پليٽ فارم به ملي ويو آهي. بنا سوچ سمجهه جي هو ڇا ٿا لکن؟ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏين ٿا. انهن جون جهلڪيون هر ڏينهن تي توهان کي سوشل ميڊيا تي ڏسڻ لاءِ ملنديون. ان کان اڳ جو سوشل ميڊيا جي “زومبيز” بابت ڪجهه وڌيڪ پچار ڪجي، ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته “زومبيز” ڇا آهن؟“زومبيز” بنيادي طور هڪ اصطلاح آهي. جنهن جي شروعات هيٽي ملڪ، جيڪو اولهه هند يا ويسٽ انڊيز جي جزيرن مان هڪ آهي، کان ٿي. هن ملڪ جي لوڪ داستانن ۾ صدين کان “زومبي” جو اصطلاح استعمال ٿيندو رهيو آهي. “زومبي” بنيادي طور اهي خيالي يا ڏند ڪٿائي مئل ماڻهو هوندا آهن، جن جا لاش قبرن مان نڪري زنده ماڻهن کي مارڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا ۽ پوءِ جنهن به زنده انسان کي زومبي شڪار ڪري ٿو. اهو پڻ زومبي ٿيو وڃي. “زومبي” جو اصطلاح انگريزيءَ ۾ پهريون ڀيرو 1819ع ۾ استعمال ٿيو. هيٽيءَ ۾ زومبيز جون ڳالهيون نه صرف ڏندڪٿائي قصن ڪهاڻين ۾ ملن ٿيون، پر اتان جي مقامي جادو. جنهن کي “ووڊو” چيو وڃي ٿو. ان ۾ زنده ماڻهن کي زومبيز ٺاهڻ جو باقاعده سان ڪلچر موجود آهي. زنده ماڻهن کي ٽوڻن ڦيڻن مطلب نفسياتي طريقن ۽ دوائن جي زور تي هيٽي ديس جا تانترڪ زومبي ٺاهي ڇڏين. بعد ۾ اهي زومبي سڄي عمر انهن جادوگرن جا غلام ٿي رهن ٿا.
هالي ووڊ جي فلمن ۽ ڊرامن ۾ جن زومبيز کي ڏيکاريو ويندو آهي، اهي انهن غلام زومبيز کان بلڪل الڳ آهن. فلمي مفروضن موجب هڪ وقت اهڙو ايندو، جنهن ۾ ڪو وڏو سائنسي حادثو ٿيندو، جنهن کانپوءِ ان حادثي جا متاثر زومبيز ٿيڻ شروع ٿيندا. ان سان گڏ دنيا جي وڏي آبادي ذهني مرضن ۾ مبتلا ٿي ويندي…… خير جيسيتائين اهو سڀ ڪجهه ٿئي. پاڻ وٽ ته اهو سلسلو هاڻي کان ئي شروع ٿي ويو آهي. جنهن ۾ حقيقي سماجي زندگيءَ کان سوشل ميڊيا تائين اهڙا سوين ماڻهو ملي ويندا، جيڪي بنا ڪنهن سبب جي “زومبيز” جيان ڪنهن به وقت توهان کي چنبڙي سگهن ٿا!
معاشري مان جڏهن تعميري سرگرميون ختم ٿي وڃن ته انهن جي جاءِ تي تخريبي ڪارروايون جڳهه والارينديون آهن. اهو هڪ مڃيل سائسنسي اصول پڻ آهي. هاڻي هڪ نظر سان ڏٺو وڃي ته جنهن سماج ۾ پاڻ ساهه کڻي رهيا آهيون. ان ۾ تعميري ۽ تخريبي سرگرمين جو تناسب ڪيترو آهي؟ پنهنجي آس پاس ڏسڻ کانپوءِ هر شخص ان جو آسانيءَ سان اندازو ڪري سگهي ٿو. انهيءَ اندازي ۾ پنهنجو هڪ عزيز به ياد اچي ويو. جنهن زومبي بڻجي پهرين اهڙي قسم جون حالتون ٺاهيون، جنهن ۾ هن جو جوان ڀاءُ روز جي پريشانين ڪري پهرين ڊپريشن جو مريض ٿيو، بعد ۾ هن جي مٿان شيزوفرينڪ اٽيڪ شروع ٿيا. آخر ۾ هن جو انجام موت تي ٿيو. حالتون پيدا ڪري سڳي ڀاءُ کي مرڻ تي مجبور ڪرڻ کانپوءِ به ان “زومبي” جي روح کي سڪون ڪٿي. هاڻي به ٻين مائٽن لاءِ روز جي بنياد تي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ رڌل هوندو آهي. جنهن ۾ ڀلي سامهون ڪو مري يا جيئي هن جو ڇا؟ اهو هڪ ڪردار ناهي، پر هر واهڻ وستي، ڳوٺ نگر ۾ توهان کي اهڙي قسم جا “زومبيز” ملي ويندا.
سماج کي تاراج ڪندڙ اهي “زومبيز” بنيادي طور ڪجهه معاملن نرگيسيت يا پاڻ پسند پڻ هوندا آهن. جهڙي ريت “نارسٽڪ پرسنلٽي ڊس آرڊر (اين. پي. ڊي.) جي نفسياتي بيماري جنهن ۾ ماڻهوءَ کي محسوس ٿيندو آهي ته هو ئي سڀ ڪجهه آهي. هن جي هر ڳالهه درست ليکي وڃي. هن بيماريءَ جون مکيه علامتون هن ريت آهن: “پاڻ کي خوامخواه اهم سمجهڻ، ڪاميابي ۽ طاقت جي باري ۾ وهم، هروڀرو پنهنجي تعريف ڪرائڻ، هر شيءَ تي پنهنجو حق سمجهڻ، رشتن ۾ صرف پنهنجي باري ۾ سوچڻ، همدرديءَ جي احساس جي کوٽ، هر ماڻهوءَ کان سڙڻ وغيره.” اها پڻ حقيقت ته اسان مان اڪثر ماڻهو اهڙين علامتن سان هوندا آهن، پر اها بيماري ان وقت ڳڻپ ۾ ايندي جنهن ٽائيم تي اهي ماڻهو ٻين لاءِ پريشانين پيدا ڪرڻ يا سادن لفظن ۾ اهي “زومبي” ٿيو وڃن.
“زومبيز” کان ڪهڙي ريت بچي سگهجي ٿو. شايد انهن کي نظر انداز ڪرڻ سان. شايد نه… پوءِ ان صورت ۾ ماڻهو پاڻ به زومبي ٿيو وڃي… ۽ بدقسمتيءَ سان هن معاشري ۾ “زومبيز” جو تعداد ڏينهن به ڏينهن وڌي رهيو آهي. نتيجي ۾ سليم سميت ڪافي ماڻهو سڌي ريت انهن جي اثر ۾ اچي، پاڻ سميت آس پاس جي ماحول کي پڻ خراب ڪري رهيا آهن.