ڪترينا ڪيف ” خان“ بڻجڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو: سلمان خان

0
281

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سلطان سلمان خان چيو آهي ته ڪترينا ڪيف ”ڪترينا خان“ بڻجڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف شادي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيا، سلمان خان اسٽيج تي موجود هو ته ان ئي دوران گانو ”چڪني چميلي“ هليو، جنهن ۾ ڪترينا ڪيف پرفارم ڪيو هو.سلمان خان گانو هلندي ئي ڪترينا کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ڪترينا، وري چيو ته ڪيف، ٿورو وقفو ڪري وري چيو ته ڪپور، ان کانپوءِ سلمان خان چيو ته ”توهان خان بڻجڻ جو ڪيڏو وڏو موقعو وڃائي ڇڏيو“.سلمان خان جي ان جملي تي اتي موجود ماڻهو ٽهڪ ڏيڻ شروع ٿي ويا.