ڪاجول اجي ديوگن کي گهر ڇڏي وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

0
559

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري ۾ فنڪارن جا پاڻ ۾ ويجهن لاڳاپن جون خبرون معمول بڻجي ويا آهن. پر ڪيترائي ڀيرا اهڙيون خبرون ڪنهن جا گهر به خطري ۾ وجهي ڇڏينديون آهن. اجي ديوگن ۽ هن جي گهر واري سان به ايئن ئي ٿيو جڏهن اجي ديوگن ۽ ڪنگنا رناوت ۾ ويجهڙائپ وڌڻ جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون. سپر هٽ فلم ونس اپون اي ٽائم ان ممبئي جي شوٽنگ دوران اهي خبرون اچڻ لڳيون هيون ته اجي ديوگن ۽ ڪنگنا رناوت ۾ ويجهڙائپ ٿي وئي آهي ۽ جلد ٻنهي وچ ۾ لاڳاپا هڪ نئون رخ وٺندا، گڏوگڏ اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته ٻئي اداڪار فلم “تيز” ۽ “راسڪل” ۾ به گڏ ڪم ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، اهڙين خبرن تي اداڪارا ڪاجول جو صبر جواب ڏئي ويو ۽ ڪاجول اجي ديوگن کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڪنگنا رناوت سان دوستي ختم نه ڪئي ته مان ٻنهي ٻارن سان گڏ گهر ڇڏي هلي وينديس. پر ايئن ٿيڻ کان اڳ ئي معاملا ٺيڪ ٿي ويا. اداڪار اجي ديوگن هڪ انٽرويو ۾ واضح ڪيو ته منهنجو ڪنهن سان به افيئر ناهي، ميڊيا وارا ٻن ماڻهن کي گڏ ڏسي ڪابه خبر ٺاهي ڇڏيندا آهن، مان پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن سان گڏ خوش آهيان، مان پنهنجي ڪم ۽ گهر سان محبت ڪندو آهيان.