فلڪ ناز صبا قمر کي پسنديدا اداڪارا قرار ڏئي ڇڏيو

0
279

ڪراچي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا فلڪ ناز صبا قمر کي پسنديدا اداڪارا قرار ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب اداڪاراصبا قمر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام اسٽوري تي ڀارتي اداڪارا فلڪ ناز جي پوسٽ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو آهي. ان پوسٽ ۾ ڀارتي اداڪارا پنهنجي مداحن سان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي سوالن جوابن جو هڪ سيشن رکيو جنهن ۾ هو مداحن جي سوالن جا جواب ڏئي رهي آهي. هڪ مداح کائنس پڇيو ته پاڪستان ۾ ڪهڙي اداڪارا اوهان کي پسند آهي ان سوال جي جواب ۾ هن صبا قمر کي پسنديدا اداڪارا قرار ڏنو.