ڪارن شيشن، پريشر هارن، سائرن ۽ هوٽرن  خلاف ڪارروائي جو حڪم: چيف سيڪريٽري طلب

0
143
نينگر عمار جتوئي کي اغوا ڪري مارڻ جي الزام ۾ سزا ڀوڳيندڙ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم
نينگر عمار جتوئي کي اغوا ڪري مارڻ جي الزام ۾ سزا ڀوڳيندڙ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي  ۾ وڏين گاڏين جي داخلا بابت عدالتي حڪمن تي عملدرآمد جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪندي،  چيف سيڪريٽري ۽ ڊي آءِ  جي ٽريفڪ کي 25 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي

عدالت بس اونرز ايسوسيئيشن، اين ايچ اي ۽ ٽريفڪ انجنيئرنگ کي ڌر بڻائڻ واري درخواست به منظور ڪري ورتي

ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي ٽريفڪ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڄاڻايو ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن، صبح جو 6 کان رات جو 11 وڳي تائين هيوي ٽريفڪ کي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري حادثن ۾ گهٽتائي آئي آهي، ٽريفڪ پوليس ڪارن شيشن، پريشر هارن ۽ فينسي نمبر پليٽس وارين گاڏين خلاف به ڪارروائي ڪري رهي آهي

 عدالت ڪارا شيشا، فينسي نمبر پليٽس، غيرقانوني هوٽرز ۽ سائرن هفتي اندر هٽائڻ جو حڪم ڏيندي اخبارن ۾ اهڙا اشتهار شايع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي