جي ڊي اي ۽ ايس يو پي پاران عام چونڊون گڏجي وڙهڻ تي اتفاق

0
151

ڪراچي: جي ڊي اي ۽ ايس يو پي سنڌ جي حقن لاءِ گڏيل جدوجهد ۽ عام چونڊون گڏجي وڙهڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي

ڪراچي ۾ جي ڊي اي ۽ ايس يو پي اڳواڻن ۾ ٿيل ملاقات ۾ صفدر عباسي، سردار رحيم، سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي

صفدر عباسي، سيد زين شاهه ۽ ٻين چيو ته سنڌ کي ورهائڻ واري سازش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪرپٽ حڪمرانن مان ڇوٽڪاري لاءِ سنڌ جو عوام پ پ مخالف اتحاد جو ساٿ ڏيندو

هنن چيو ته سنڌ جو عوام اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، پر حڪمرانن کين نڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، حڪومت تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چُڪي آهي، سمورن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي ويندي