ڪئناڊا مان آيل نوابشاهه واسڻ ڪراچي ۾ انڌي گولي لڳڻ سبب قتل

0
324
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي

ڪراچي ۾ انڌي گولي لڳڻ سبب ڪئناڊا مان آيل عورت قتل، ان ڏس ۾  گلستان جوهر  جي علائقي پرفيوم چوڪ وٽ واقع رهائشي عمارت جي ٻئي فلور تي بيٺل 40 ورهين جي عرفانه انڌي گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي دم ڏنو

عرفانه  ڪئناڊا مان نوابشاهه آئي هئي، جتان گلستان جوهر ۾ رهندڙ پنهنجي ڀيڻ جي گهر آئي، پوليس ۽ علائقي واسين موجب عرفانه جي ڪئناڊا لاءِ فلائيٽ رٿيل هئي، هن واپس وڃڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي هئي

پوليس موجب وارث عرفانه کي نجي اسپتال کڻائي ويا، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نه ڏنو، پوليس موجب علائقي ۾مهاجر  ڪلچر ڊي جي خوشي ۾ فائرنگ پڻ جاري هئي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي