ڪابل(م ڊ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ اسڪول ويجهو بم ڌماڪن ۾ ڪيترن ئي شاگردن سميت 40 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. جن ۾ اڪثريت شاگردياڻين جي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته صبح جو سيد شهداءَ اسڪول ويجهو ٿيل بم ڌماڪي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. اهو علائقو شيعا ڪميونٽي جي ويجهو آهي، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ آهي جنهن ڪري جاني نقصان ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. حڪومت 30 ڄڻا مارجڻ ۽ 52 زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، في الحال ڪنهن به تنظيم حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي. طالبان جي ترجمان ذبيح الله حملي جي مذمت ڪئي آهي. اهي ڌماڪا اهڙي وقت ٿيا آهن جڏهن آمريڪي فوج واپس وڃي رهي آهي. حملي بعد ريسڪيو عملي تي تشدد پڻ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف غزني صوبي ۾ ٻن ڏينهن اندر ويڙهه ۾ 27 اهلڪار مارجي ويا آهن جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن صوبي ۾ ڪيترين ئي چوڪين تي طالبان جي قبضي جي تصديق ڪئي آهي. فوج طالبان خلاف فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن آمريڪي فوجي عملدار جو چوڻ آهي ته ڪابل جي اشرف غني حڪومت جو مستقبل غيريقيني آهي. جرمن ميڊيا جو چوڻ آهي ته افغانستان جي وڏي علائقي تي طالبان ويڙهاڪن جو قبضو آهي.