حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جديد سنڌي صحافت جي باني ۽ نامياري صحافي قاضي سليم اڪبر جي 45 هين ورسي اڄ ملهائي ويندي، سندس خاندان جا فرد، دوست، احباب ۽ صحافي حيدرآباد جي ڪينٽ قبرستان ۾ سندس مزار تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪندا ۽ کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، قاضي سليم اڪبر نامياري سياستدان، صحافي ۽ سفارتڪار قاضي محمد اڪبر جو وڏو فرزند هو. هن صحافت جي شعبي ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ سنڌي صحافت ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرايا، قاضي سليم اڪبر 9 مئي 1976ع تي روڊ حادثي ۾ سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سندس صحافتي خدمتن کي اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو.