ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سچل ڳوٺ ۾ 8 ورهين جي ٻارڙيءَ سان زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري يس ۾ سزا خلاف اپيل تي جوابدارن سيد الطاف، حيدر شاهه، عارف شاهه ۽ شاهد محمود جي موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . ڪالهه جوابدارن پاران سزا خلاف داخل ڪيل اپيل جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته 2018ع ۾ 8 ورهين جي معصوم ڪائنات کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو هو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽرائل ڪورٽ جوابدارن کي 2019ع ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي، عدالت جوابدارن جي سزا خلاف داخل ڪيل اپيل کي رد ڪندي سندن موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدارن خلاف ثابتيون موجود آهن، انڪري سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي نٿو سگهجي.