ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ينگ ڊاڪٽرز مطالبو ڪيو آهي ته ڪشمور ۾ مبينا طور خودڪشي ڪندڙ شهيد ڊاڪٽر قادر نواز جکراڻي جي وارثن کي 50 لک معاوضو ڏئي، ڊي ايچ او سميت ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪالهه هتي ينگ ڊاڪٽرز جي صدر ڊاڪٽر عمر سلطان ۽ محبوب نوناري فوتي ڊاڪٽر جي والد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊاڪٽر قادر نواز جکراڻي انتظاميا جي بي حسي سبب خودڪشي ڪئي، هو ڪورونا وارڊ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ شهيد ڊاڪٽر آهي، قادر نواز جکراڻي جي والد چيو ته سندس هڪ ٻيو پٽ ذهني مريض آهي، جنهن جو علاج هلندڙ آهي، ڊاڪٽر قادر نواز جکراڻي خاندان جو واحد سهارو هو، کيس 6 مهينن کان پگهار نه ملي هئي، ڊاڪٽر قادرنواز جا 3ٻار پڻ پريشان آهن هنن مطالبو ڪيو ته ڊي ايڇ او سميت سمورن ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.