کڏڙو (ن پ ا) کڏڙو ڀرسان  معصوم ٻالڪ  گهر ٻاهران ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، خبرموجب کڏڙو ٿاڻي جي حد ديھه 4 جمڙائو جي ڳوٺ حاجي غلام نبي شر ۾ 7 سالن جو ٻالڪ جھانزيب شر گھر ٻاھران بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، ٻالڪ جو لاش گھر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.